ڏاهري، قابل

ڏاهري، قابل

قابل ڏاهري

قابل ڏاهري

قابل ڏاهري

قابل ڏاهري : نامور اديب ۽ صحافي قابل ڏاهري 25 جنوري 1954ع تي شاهپورچاڪر ڀرسان ڳوٺ عمر ڏاهريءَ ۾ عبدالواحد ڏاهريءَ جي گهر ۾ جنم ورتو. پرائمري کان مئٽرڪ تائين شاهپورچاڪر ۾ پڙهيو. انٽر جي تعليم گورنمينٽ ڪاليج سانگهڙ مان حاصل ڪيائين. ڪاليج ۾ شاگرد يونين جي سرگرمين ۾ ڀرپور نموني حصو وٺي شاگردن جا مسئلا حل ڪرائيندو هو. قابل ڏاهري تقريرن جي مقابلي ۾ حصو وٺي شاهه لطيف اوارڊ، اقبال اوارڊ، سورهيه بادشاهه اوارڊ، ڪافي ڪتاب ۽ ڊائريون بطور انعام حاصل ڪيا. هن جو ننڍي هوندي ئي ادب ڏانهن لاڙو هو، هن بزم گلشن ادب جي پليٽ فارم تان شاهپورچاڪر ۾ ادبي سرگرميون ۽ مختلف ميڙاڪا ڪرايا. هن شاگرديءَ واري زماني کان لکڻ شروع ڪيو ۽ اخبارن ۾ کليو سچ لکڻ ڪري تر جي هڪ وڏيري گهر تي پوليس جو ڇاپو هڻائي کيس گرفتار ڪرايو ۽ مٿس ڪيس هلائي کيس سينٽرل جيل ڪراچيءَ ۾ رکيو ويو. ڪجهه عرصي بعد ڪورٽ کيس باعزت آزاد ڪيو، جنهن بعد حيدرآباد مان باقاعدي صحافت جي شروعات ”مهراڻ“ اخبار کان ڪيائين. جتي هن حُر تحريڪ بابت ڀرپور مضمون لکيا ۽ ڪافي ڄاڻ مهيا ڪئي ۽ گڏوگڏ هن سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ به داخلا ورتي. هو صبح جو يونيورسٽي ويندو هو ۽ شام جو پريس تي ڪم ڪندو هو. اهڙيءَ طرح هن صحافت ۽ سوشالاجي ۾ ايم.اي فرسٽ ڪلاس سيڪنڊ پوزيشن ۾ ڪئي. ان دوران هن ”حر تحريڪ جو سماجي جائزو“ عنوان هيٺ تحقيقي مقالو پڻ لکيو، هن ڪيترائي مضمون، مقالا، ترجما ۽ اخباري ايڊيٽوريل لکيا، جيڪي پسند ڪيا ويا. صحافت جي دنيا ۾ پاڻ بلڪل بي باڪ رهيو ۽ مظلومن سان وڏي همدردي هوندي هئس بنا ڪنهن لوڀ ۽ لالچ جي هن سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جي خدمت ڪندي زندگي گذاري. هن ڪيترن ئي دوستن سان سهڪار ڪندي کين سنڌ يونيورسٽيءَ مان ايم. اي ۽ پي. ايڇ. ڊي ڪرائي. قابل ڏاهري 1990ع ڌاري حيدرآباد مان هفتيوار ”سنيهو“ پڻ شايع ڪيو. کيس مطالعي سان گڏ سٺا ڪتاب گڏ ڪرڻ جو به شوق هوندو هو. قابل ڏاهري 38 سالن جي عمر ۾ گڙدن جي بيماريءَ ۾ مبتلا ٿيو، کيس ڪراچيءَ جي سول اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو. سندس حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ جي صحافي دوستن ان وقت جي سرڪار کي سندس علاج جي اپيل ڪئي پر پاڻ سرڪاري امداد وٺڻ کان انڪار ڪيائين ۽ پهرين آگسٽ 1992ع تي وفات ڪيائين.


لفظ قابل ڏاهريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1954.01.25  عيسوي

نامور اديب ۽ صحافي قابل ڏاهري 25 جنوري 1954ع تي شاهپورچاڪر ڀرسان ڳوٺ عمر ڏاهريءَ ۾ عبدالواحد ڏاهريءَ جي گهر ۾ جنم ورتو.


1992.08.01  عيسوي

قابل ڏاهري پهرين آگسٽ 1992ع تي وفات ڪئي.



اديب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

پدم راج شرما
رئوف نظاماڻي
جوگندر پال
عبدالڪريم سنديلو ڊاڪٽر
صبيحا نذير مگسي
ڄيٺو لالواڻي
اشفاق لغاري
حيدر بخش عزيز گوپانگ
سڪينه عتيق الزمان
اي جي اتم
اديب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون